SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Cold war

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kould
  • ər
  • )

From the Dictionary of Official Terms:

Cold war

سرد جنگ


From the Dictionary of International Relations:

Cold war

ڪولڊ وار

سرد جنگ يا ڳجهي ويڙهه

هيءَ اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ ٻه ويري مُلڪ يا ويري ملڪن جا ٻه گروپ پاڻ ۾ سچي پچي جنگ ته نه ڪندا هجن، پر هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪن، اهو اصطلاح عام طرح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ تمام غير دوستاڻن ناتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انڪري هنن ۾ ان قسم جي سياسي، نفسياتي، معاشي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ ويهين صديءَ جي پنجين ۽ ڇهين ڏهاڪي ۾ عروج تي نظر آئي، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي خلاف سياسي، معاشي ۽ قومي اتحاد ٺاهڻ، پروپئگنڊا ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي. اها حالت سوويت يونين جي زوال (1991ع) تائين برقرار رهي .آڪٽوبر 1962ع ۾ ڪيوبائي ميزائلن وارو بحران (Cuban Missile Crisis ) ان ڏس ۾ خاص طرح سان بيان ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح سڀ کان اڳ آمريڪي مفڪر برنارڊ بارخ (1947ع ۾) استعمال ڪيو. جنهن ۾ هُن ٻڌايو هو ته ڏيهان ڏيهي لاڳاپن ۾ ٻن سگهارين يا هڪجيتري طاقت رکندڙ ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڌر ٻيءَ کي ڪمزور ڪرڻ خاطر هيءَ حڪمت عملي اختيار ڪندي آهي. آمريڪي صحافي ايڇ بي سواپ ۽ والٽر لپمئن پڻ ٿڌي ويڙهه متعلق بنيادي نظريا جوڙيا.


From Dictionary of Political Terms


Cold war

ٿڌي ويڙهه

ٻن ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ماحول جنهن دؤران حقيقي لڙائي نه لڳي. هن ۾ هڪ ملڪ پاڻ کي طاقتور ۽ مخالف کي ڪمزور بڻائيندو آهي. هن قسم جي لڙائي جي شروعات ٻي مهاڀاري لڙائي (1939-1945) کانپوءِ ٿي، جڏهن آمريڪا ۽ سوويت يونين دنيا جون ٻه عظيم طاقتون Super Powers بڻجي اڀريون. ٻنهي طاقتن دنيا ۾ پنهنجو پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي، جنهن هن قسم جي لڙائي کي جنم ڏنو. اها ويڙهه 1991ع تائين جاري رهي.


.


Other Phrases of Cold war used in Daily life:

Remember Me Also:

رواتي

ث. لوهه کي لَسي ڪرڻ جو هڪ لوهارڪو اوزار ، رَوات ، ٽڪوري ، سُونهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal